لڪسمبرگ
گرينڊ ڊچي آف لڪسمبرگ Grand Duchy of Luxembourg | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"اسان جيئن آھيون اوئين ئي رھڻ چاھيون ٿا" | |||||
ترانو: ("اسانجو وطن")
| |||||
مڪانيت لڪسمبرگ (تيز سائي رنگ سان) – يورپ ۾ (سائو & تيز خاڪي) | |||||
| گادي جو هنڌ | لڪسمبرگ سٽي 49°48′52″N 06°07′54″E / 49.81444°N 6.13167°E | ||||
| دفتري ٻوليون |
| ||||
| قوميتون (2017) | |||||
| مذهب (2018[1]) | |||||
| مقامي آبادي | لڪسمبرگر | ||||
| حڪومت | وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت | ||||
• ڊيوڪ (شاھي سربراھ) | ھينري، لڪسمبرگ جو ڊيوڪ | ||||
• وزيراعظم | زيويئر بيٽل | ||||
• شريڪ نائب وزيراعظم |
| ||||
| مقننه | چيمبر آف ڊپٽيز | ||||
| خودمختياري | |||||
• فرينچ ايمپائر کان | 15 مارچ 1815 | ||||
• لنڊن وارو عھدنامي سان نيدرلينڊز ۾ شموليت | 19 اپريل 1839 | ||||
• خودمختياري جي تجديد | 11 مئي 1867 | ||||
• نيدرلينڊز کان علحدگي | 23 نومبر 1890 | ||||
• جرمن ريخ کان | 1944 / 1945 | ||||
• گڏيل قومن جو چارٽر تسليم ڪيو | 24 آڪٽوبر 1945 | ||||
• بطور باني رڪن يورپين ايڪانامڪ ڪميونٽي ۾ شموليت | 1 جنوري 1958 | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي | 2,586.4 km2 (998.6 sq mi) (167th) | ||||
• پاڻي (%) | 0.60% | ||||
| آبادي | |||||
• جنوري 2020 اندازو | |||||
• 2011 مردم شماري | 512,353 | ||||
• گھاٽائي | 233.7/km2 (605.3/sq mi) (58th) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2020 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | |||||
• في سيڪڙو | |||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | |||||
• في سيڪڙو | سانچو:گھٽجندي $113,196[3] (1st) | ||||
| جِينِي (2018) | وچولو · 19th | ||||
| ايڇ ڊي آء (2018) | انتهائي اعلیٰ · 21st | ||||
| ڪرنسي | يورو (€) (EUR) | ||||
| معياري وقت | CET (متناسق عالمي وقت+1) | ||||
| CEST (متناسق عالمي وقت +2) | |||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | ساڄو پاسو | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +352 | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | .lub | ||||
| |||||
لڪسمبرگ (انگريزي: Luxembourg ), روايتي نالو گرينڊ ڊچي آف لڪسمبرگ اولهائين يورپ ۾ هڪ خشڪي سان گھريل ملڪ آهي. ان جي حدون اولهه ۽ اتر ۾ بيلجيم, اوڀر ۾ جرمني ۽ ڏکڻ ۾ فرانس سان آهن. ان جو گاديءَ جو هنڌ لڪسمبرگ سٽي آهي جيڪو يورپي يونين جي چئن سرڪاري گاديءَ جي ھنڌن مان ھڪ آھي،[5] جڏھن ته يورپي يونين جا ٻيا ٽي گاديءَ وارا شھر بروسیلز، فرينڪفرٽ ۽ اسٽراس برگ آھن. يورپي يونين جي عدالت انصاف لڪسمبرگ سٽي ۾ واقع آهي جيڪا يونين جي سڀ کان وڏي عدالت آھي. ملڪ جي قومي ٻولي لڪسمبرگي آھي ۽ سرڪاري ٻولين ۾ جرمن ۽ فرينچ پڻ شامل آهن.
ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر لڪسمبرگ سٽي) يورپي يونين جي چئن ادارتي سيٽن مان هڪ آهي ۽ ڪيترن ئي يورپي يونين جي ادارن, خاص طور تي يورپي يونين جي عدالت انصاف (يورپي يونين ۾ اعليٰ عدالتي اختيار) جي ميزباني ڪري ٿو. ھڪ ملڪ آھي.
تاريخ
[سنواريو]
لڪسمبرگ جي تاريخ جي شروعات 963ع کان سمجھي وڃي ٿي جڏھن ڪائونٽ سگفريڊ ٽرائر لڳ سينٽ ميڪسيمن جي خانقاہ لڳ رومن دؤر جي ھڪ قلعي سميت ٻہ قلعبنديون انھن جون پسگردائيون ۽ ھڪ مٿاھون پٿريلو علائقو حاصل ڪيا[6][7]. سگفريڊ جي پوئيرن ان علائقي جو شادي، جنگ ۽ تعلقاتن ذريعي اضافو ڪيو. تيرھين صديءَ جي خاتمي وقت لڪسمبرگ جي ڪائونٽ جي حڪومت ھڪ وڏي علائقي تائين ڦھلجي چڪي هئي[8]. 1308ع ۾ ھتان جو ڪائونٽ ھينري ستون جرمن ماڻھن جو ۽ بعد ۾ پاڪ رومي ايمپائر جو بادشاھ ٿيو. لڪسمبرگ جي شاھي گھراڻي وچولي دؤر جي عروج واري زماني ۾ چار شھنشاھ پيدا ڪيا.

1354ع ۾ پاڪ رومي ايمپائر جي شھنشاھ چارلس چوٿين لڪسمبرگ جي ڪائونٽي کي ڊچي آف لڪسمبرگ جو درجو ڏنو. جيڪا بعد ۾ ھبسبرگ نيدرلينڊز جي سترھن صوبن مان ھڪ صوبو بڻجي وئي[10] صدين تائين لڪسمبرگ جو قلعو ۽ شھر فرانس جي بادشاھت ۽ ھبسبرگ جي علائقن وچ ۾ ھڪ وڏي اسٽريٽجڪ اھميت وارو خطو رھيو. فرانس جي بادشاھ لوئيس چوڏھين ۽ ھبسبرگ جي علائقن جي راڻي ماريا ٿريسا جي ملڪيت رھڻ کانپوءِ لڪسمبرگ پھرين فرينچ ريپبلڪ جو ، پوء نيپولين بونا پارٽ جي حاڪميت واري پھرين فرينچ ايمپائر جو حصو رھيو[11]. موجوده لڪسمبرگ جي گرينڊ ڊچي آزاد رياست طور بنياد 1815ع ۾ نيپولين جي زوال بعد ٿيندڙ ويانا ڪانگريس جي اجلاس ۾ وڌو ويو جنھن ۾ ان کي نيدرلينڊز جي ولھيم پھرين جو ذاتي قبضو قرار ڏئي ان کي فرانس جي جارحيت کان تحفظ ڏيڻ لاء شھر لڳ پروشيا فوجي گيريزن مامور ڪئي وئي[12] 1839ع ۾ بيلجيئم واري انقلاب بعد واري صورتحال ۾ لڪسمبرگ جي فرينچ ٻولي ڳالهائيندڙن وارو علائقو بيلجيئم ۾ شامل ٿي ويو ۽ باقي لڪسمبرگش ٻولي ڳالھيندڙن وارو علائقو باقي بچيو جيڪو موجوده لڪسمبرگ آهي[13]. آگسٽ 1914ع ۾ جرمن سامراج فرانس سان جنگ دؤران لڪسمبرگ جي غيرجانبداري باوجود ان تي حملو ڪري قبضو ڪيو جنھن سان اتان جي ريلوي لائين جو فوجي استعمال ڪيو ويو. ان باوجود لڪسمبرگ جي محدود خودمختياري کي برقرار رکيو ويو. 1940ع ۾ ٻي جنگ عظيم ڇڙي پوڻ بعد نازي جرمنيءَ پاران ھن ملڪ جي غيرجانبداري ٻيھر پائمال ڪئي وئي ۽ ان تي فوجي چڙھائي ڪري قبضو ڪيو ويو[14] ان جي خودمختياري مڪمل ختم ڪري ان کي ٿرڊ ريخ (نازي دور وارو جرمني) جي ھڪ صوبي جو حصو بڻايو ويو. لڪسمبرگ جي جلاوطن حڪومت لنڊن مان اتحادين جي حمايت جاري رکي. سيپٽمبر 1944ع ۾ لڪسمبرگ کي نازي جرمنيءَ کان آزاد ڪرايو ويو. 1945ع ۾ ھي ملڪ گڏيل قومن جو باني رڪن ٿيو. 1949ع ۾ ھي ملڪ نيٽو جو رڪن ٿيو. 1951ع ۾ يورپي ڪوئلي ۽ اسٽيل جي ڪميونٽي جي ڇھن باني رڪنن مان ھڪ ھيو جيڪا ڪميونٽي 1957ع ۾ يورپين ايڪانامڪ ڪميونٽي ۾ ۽ 1993ع ۾ يورپي يونين ۾ تبديل ٿي وئي. 1999ع ۾ ھن ملڪ يورو زون ۾ شموليت اختيار ڪئي. 2085ع ۾ ھتي يورپي آئين جي قيام لاء ريفرينڊم ڪرايو ويو[15].
جاگرافي
[سنواريو]لڪسمبرگ اولھ يورپ ۾ واقع چوڌاري زمين سان گهيريل ملڪ آھي. ان جي اتر ۽ اولھ ۾ بيلجيئم، اوڀر ۾ جرمني، ڏکڻ ۾ فرانس واقع آھن. ھن ملڪ جي پکيڙ 2586 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ اھو پکيڙ جي لحاظ کان يورپ جي سڀ کان ننڍڙن ملڪن مان ھڪ آھي.[16]

ملڪ جو اتريون 1/3 حصو اوئسلنگ سڏبو آهي جيڪو اولھ يورپ جي آرڊين واري جاگرافيائي خطي جو حصو آهي. اتي ٽڪريون ۽ ننڍڙا جبل واقع آھن جن ۾ نيئف جبل (Kneiff) پڻ شامل آهي [17] جنھن جي چوٽي لڪسمبرگ جو بلند ترين مقام آهي ۽ ان جي اوچائي سامونڊي سطح کان 560 ميٽر (1,837 فٽ) مٿي آهي. ان اترئين علائقي ۾ آبادي تمام ڇڊي آھي ۽ اتي ولتز نالي رڳو ھڪ شھر واقع آهي جنھن جي آبادي چار ھزار کان ڪجهه وڌيڪ آھي.
ملڪ جو ڏاکڻو 2/3 حصو گٽلينڊ سڏبو آهي جيڪو اوئسلنگ جي ڀيٽ ۾ گھاٽي آبادي وارو علائقو آهي ۽ جاگرافيائي لحاظ کان پنج حصن ۾ ورھايل آھي جن ۾ ڏاکڻي وچ واري لڪسمبرگ وارو ميداني علائقو، اوڀر وارو لٽل سوئٽزرلينڊ جو ٻيلن وارو خطو، موسيل ندي واري وادي، ريڊ لينڊ وارو خطو شامل آهن.

جرمني ۽ لڪسمبرگ جي وچ ۾ ٽي نديون سرحد جي نشاندهي ڪندڙ آھن جن م موسيل ندي، سائر ندي ۽ اور ندي شامل آهن. ملڪ جي ٻين ندين جا نالا الزيت ندي، اترت ندي، ڪليرو ندي، ولتز ندي آهن.
آبادي
[سنواريو]ھن ملڪ جي ثقافت جرمن ۽ فرينچ ماڻھن جي ثقافت جو مرڪب آهي. 2019 ۾ ملڪ جي آبادي 626,108 آھي,[18] يورپ جي تمام گھٽ آبادي وارن ملڪن ۾ شامل ھوندي بہ ھي ملڪ يورپ جي سڀ کان تيزي سان وڌندڙ آباديءَ وارن ملڪن ۾ شامل آهي[19] ان جو سبب ٻاھرين ملڪن جي ماڻھن جي آمد آھي[20]
|
ھتان جي ماڻھن کي لڪسمبرگر سڏيندا آهن[22]. ھتي پرڏيھي نسلن جي ماڻھن جو تيزي سان اضافو ٿي رھيو آھي جن م پورچوگيزي نسل ۽ فرينچ نسل جا ماڻھو نمايان آھن جيڪي شھريت ملڻ بعد لڪسمبرگر سڏبا آهن[23]. 2013 جي آدمشماري مطابق ڪل آبادي 537,039 ھئي جنھن جو % 44.5 ٻاھران آيل نوان شھري ھي جن ۾ اڪثريت پورچوگيزي نسل وارن جي ھئي[24] [25]
سياسي نظام
[سنواريو]ھن ملڪ جو نظام آئين شاھي سربراھ رکندڙ نمائندگي واري جمھوريت جي پارلياماني جمھوريت وارو آھي جنھن ۾ سربراھ گرينڊ ڊيوڪ ھينري ھوندو آھي جيڪو اتان جو بادشاھ يا شاھي سربراھ ھوندو آھي. ھي ملڪ دنيا جي واحد بچيل خودمختيار گرينڊ ڊچي آھي[26] [27].


ھن ملڪ جو سڀ کان وڏو قانون ملڪ جو آئين آھي جيڪو 17 آڪٽوبر 1868ع ۾ ملڪ ۾ نافذ ٿيو [28] شاھي سربراھ کي ملڪ جي مقننه چيمبر آف ڊپٽيز کي ٽوڙڻ جو اختيار ڏنل آهي جنھن جي استعمال سان ملڪ ۾ ٽن مھينن اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي. 1919ع کان ملڪ جي اقتدار جو سرچشمو قوم کي قرار ڏنو ويو[29]. ملڪ جي مقننه چيمبر آف ڊپٽيز ھڪ ايواني آھي جنھن جا 60 رڪن آھن جن جي چونڊ پنجن سالن لاءِ ٿيندي آهي. ھڪ ٻيو ادارو رياستي ڪائونسل آھي جنھن جا 21 عام شھري رڪن ھوندا آھن جن جي چونڊ گرينڊ ڊيوڪ ڪندو آهي، جيڪي قانون سازي ۾ چيمبر آف ڊپٽيز کي مشورا ڏيندا آهن [30].
انتظامي ورهاست
[سنواريو]لڪسمبرگ 12 ڪينٽن ۾ ورھايل آھي جيڪي وري 102 ڪميون ۾ ورھايل آھن [31] انھن مان 12 ڪميون اھڙيون آھن جن کي شھرن جو درجو ڏنو ويو آهي جن مان لڪسمبرگ سٽي سڀ کان وڏو شھر آھي.
(1)-ڪاپيلن (2)-ڪلروا، (3)-ديڪيرش، (4)-اَشترناخ، (5)-اش سور اَلزيت، (6)-گروِنمَاخر، (7)-لڪسمبرگ ، (8)-مَرش، (9)-رِدانج ، (10)-رِمش، (11)-وِياندَن، (12)-وِلتز
معيشت
[سنواريو]لڪسمبرگ ھڪ ترقي يافتہ ۽ اڳتي وڌندڙ معيشيت وارو ملڪ آھي. في ڪس جي ڊي پي جي لحاظ کان ان جو شمار دنيا جي. سڀ کان وڏي جي ڊي پي رکندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿو.


لڪسمبرگ جي مضبوط ۽ تمام وڏي آمدني واري مارڪيٽ واري معيشت جو افراط زر گھٽ شرح تي آھي ۽ واڌ وچولي اٿس ۽ ان ۾ جدت جي رفتار تمام اوچي آھي[32] بي روزگاري جي شرح ھميشه گھٽ رھي اٿس رڳو مئي 2012ع ۾ اھا 6.1 سيڪڙو تائين وڌي ھئي ان جو سبب 2008ع وارو عالمي مالياتي بحران ھيو[33]. 2011 جي آء ايم ايف جي قوت خريد واري جي ڊي پي رپورٽ مطابق ھي ملڪ دنيا جو ٻيون نمبر امير ترين ملڪ ھيو ۽ ان وقت ان جي في ڪس قوت خريد $80,119 آمريڪي ڊالر ھئي[34]. 2019 ۾ ان جي في ڪس جي ڊي پي يورپي يونين جي (%100) شرح جي ڀيٽ ۾ %261 ھئي [35] ھيريٽيج فائونڊيشن جي ايڪانامڪ فريڊم انڊيڪس مطابق ھن ملڪ جو مقام 13 نمبر تي آھي[36]. گڏيل قومن جي انساني ترقي جي اشاريي مطابق ھي ملڪ 26 نمبر تي آهي، ۽ ايڪانامڪ انٽيليجنس يونٽ جي معيار زندگي جي اشاريي مطابق ھن ملڪ جو نمبر دنيا ۾ چوٿون آھي [37]. 1960 واري ڏهاڪي تائين ھن ملڪ جي غالب صنعت اسٽيل جي ھئي جنھن بعد ملڪي صنعتن ۾ ڪيميائي صنعت، رٻڙ جي صنعت ۽ ٻين پيداواري شين جي صنعت جو اضافو ٿيو. خدمتن ۾ بينڪاري ۽ ماليات شامل آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Eurobarometer 90.4: Attitudes of Europeans towards Biodiversity, Awareness and Perceptions of EU customs, and Perceptions of Antisemitism. European Commission. http://zacat.gesis.org/webview/index.jsp?headers=http%3A%2F%2F193.175.238.79%3A80%2Fobj%2FfVariable%2FZA7556_V204&v=2&stubs=http%3A%2F%2F193.175.238.79%3A80%2Fobj%2FfVariable%2FZA7556_V11&weights=http%3A%2F%2F193.175.238.79%3A80%2Fobj%2FfVariable%2FZA7556_V440&V204slice=1&study=http%3A%2F%2F193.175.238.79%3A80%2Fobj%2FfStudy%2FZA7556&charttype=null&tabcontenttype=row&V11slice=1&V204subset=1+-+10%2C11%2C12+-+13%2C14&mode=table&top=yes. Retrieved 15 July 2019. آرڪائيو ڪيا ويا 13 March 2020 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ "Statistiques // Luxembourg". statistiques.public.lu. Retrieved 19 December 2019.
- 1 2 3 "World Economic Outlook Database, October 2019". IMF.org. International Monetary Fund. Retrieved 8 January 2020.
- ↑ "Gini coefficient of equivalised disposable income - EU-SILC survey". ec.europa.eu. Eurostat. Retrieved 20 October 2019.
- ↑ "Decision of the Representatives of the Governments of the Member States on the location of the seats of the institutions (12 December 1992)". Centre virtuel de la connaissance sur l'Europe. 2014. Archived from the original on 13 October 2019. Retrieved 24 October 2017.
- ↑ A propos... Histoire du Grand-Duché de Luxembourg. Luxembourg: Service information et presse du gouvernement luxembourgeois, Département édition. 2008. p. 1. ISBN 978-2-87999-093-4.
- ↑ Kreins, Jean-Marie (2010). Histoire du Luxembourg (5 ed.). Paris, France: Presses Universitaires de France.
- ↑ A propos... Histoire du Grand-Duché de Luxembourg. Luxembourg: Service information et presse du gouvernement luxembourgeois, Département édition. 2008. p. 2. ISBN 978-2-87999-093-4.
- ↑ "Emperor Charles IV elected Greatest Czech of all time". Radio Prague. 13 June 2005. Retrieved 15 October 2010.
- ↑ A propos... Histoire du Grand-Duché de Luxembourg. Luxembourg: Service information et presse du gouvernement luxembourgeois, Département édition. 2008. pp. 2–3. ISBN 978-2-87999-093-4.
- ↑ A propos... Histoire du Grand-Duché de Luxembourg. Luxembourg: Service information et presse du gouvernement luxembourgeois, Département édition. 2008. pp. 3–4. ISBN 978-2-87999-093-4.
- ↑ A propos... Histoire du Grand-Duché de Luxembourg. Luxembourg: Service information et presse du gouvernement luxembourgeois, Département édition. 2008. pp. 4–5. ISBN 978-2-87999-093-4.
- ↑ A propos... Histoire du Grand-Duché de Luxembourg. Luxembourg: Service information et presse du gouvernement luxembourgeois, Département édition. 2008. pp. 5–6. ISBN 978-2-87999-093-4.
- ↑ "The invasion of Belgium, The Netherlands and Luxembourg". Judgment of the International Military Tribunal For The Trial of German Major War Criminals. London HMSO 1951.
{{cite web}}: CS1 maint: location (link) - ↑ Timeline: Luxembourg – A chronology of key events BBC News Online, 9 September 2006. Retrieved 8 October 2006.
- ↑ "Eurostat – Tables, Graphs and Maps Interface (TGM) table". Epp.eurostat.ec.europa.eu. Retrieved 21 February 2010.
- ↑ "Mountains in Luxembourg" (PDF). Archived from the original on 10 June 2007. Retrieved 24 February 2010.
{{cite web}}: CS1 maint: bot: original URL status unknown (link), recueil de statistiques par commune. statistiques.public.lu (2003) p. 20 - ↑ "Population et emploi". Le Portail des Statistiques. Statec and State of Luxembourg. Retrieved 4 April 2020.[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ "Country comparison :: POPULATION growth rate". The World Factbook. Retrieved 16 April 2017.
- ↑ Krouse, Sarah (1 January 2018). "Piping Hot Gromperekichelcher, Only if You Pass the Sproochentest". The Wall Street Journal: p. 1.
- ↑ "International migrant stock: The 2017 revision". United Nations.
- ↑ "Luxembourg Presidency – Being a Luxembourger". Eu2005.lu. 29 December 2004. Retrieved 25 April 2010.
- ↑ "Population par sexe et par nationalité (x 1 000) 1981, 1991, 2001–2013". Le portail des Statistiques. Retrieved 9 April 2014.
- ↑ "La progression de la population du Grand-Duché continue: 537 039 résidants au 1er janvier 2013." آرڪائيو ڪيا ويا 2017-01-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Statnews 16/2013, op statec.lu, 18 April 2013. (in French).
- ↑ Amanda Levinson. "The Regularisation of Unauthorised Migrants: Literature Survey and Country Case Studies – Regularisation programmes in Luxembourg" (PDF). Centre on Migration, Policy and Society, University of Oxford. Archived from the original (PDF) on 30 April 2005. Retrieved 2 September 2006.
- ↑ solutions, EIU digital. "Democracy Index 2016 - The Economist Intelligence Unit". www.eiu.com. Retrieved 29 November 2017.
- ↑ "The Luxembourgish government since 1848 (in French)" (PDF). Archived from the original (PDF) on 16 October 2011.
- ↑ (in فرانسيسي and جرمن) "Mémorial A, 1868, No. 25" (PDF). Service central de législation. Archived from the original (PDF) on 27 September 2006. Retrieved 28 December 2006.
- ↑ "Constitution of Luxembourg" (PDF). Service central de législation. 2005. Archived from the original (PDF) on 16 February 2008. Retrieved 23 July 2006.
- ↑ "Structure of the Conseil d'Etat". Conseil d'Etat. Archived from the original on 19 June 2006. Retrieved 23 July 2006.
- ↑ "Carte des communes – Luxembourg.lu – Cartes du Luxembourg". Luxembourg.public.lu. 21 September 2011. Retrieved 1 February 2013.
- ↑ "The Global Innovation Index 2012" (PDF). INSEAD. Retrieved 22 July 2012.
- ↑ "Statistics Portal // Luxembourg – Home". Statistiques.public.lu. Retrieved 2 April 2015.
- ↑ Data refer mostly to the year 2011. World Economic Outlook Database-April 2012, International Monetary Fund. Accessed on 18 April 2012.
- ↑ "GDP per capita in PPS". ec.europa.eu/eurostat. Eurostat. Retrieved 18 June 2020.
- ↑ "2011 Index of Economic Freedom". The Heritage Foundation and Wall Street Journal. Retrieved 15 January 2011.
- ↑ "World Life Quality Index 2005". Economist Intelligence Unit. 2005. http://www.economist.com/media/pdf/QUALITY_OF_LIFE.pdf. Retrieved 23 July 2006.
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- سانچا
- Coordinates on Wikidata
- CS1 maint: location
- CS1 maint: bot: original URL status unknown
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از June 2020
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- Articles with فرانسيسي-language sources (fr)
- Articles with جرمن-language sources (de)
- Pages using multiple image with auto scaled images
- لڪسمبرگ
- ملڪ
- بينيلڪس
- يورپي ملڪ
- بينيلڪس جا ملڪ
- زمين بند ملڪ
- اولهائين يورپ جا ملڪ
- گڏيل قومن جا ڀاتي ملڪ
- يورپي اتحاد جا رڪن ملڪ
- نقشن وارا صفحا

